ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان جا جج وڌيڪ وقت سياسي ڪيسن تي ڏين ٿا، جيڪي ميڊيا ۾ هيڊ لائن بڻجن ٿا. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وفاقي آئيني عدالت به بينظير ڀٽو جي منشور جو حصو هئي، آئيني بينچن ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ان کي بينچ چئو يا عدالت، ڪم اهو ٿيندو جيڪو حڪومت چاهيندي، وفاقي آئيني عدالت شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن جو حصو هئي.سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته آئيني ترميم سمورين پارٽين جي صلاح مصلحت سان ڪئي وئي، صوبن ۾ به آئيني بينچون ٺاهيون وينديون. هن چيو ته انصاف جي جلد فراهمي لاءِ آئيني ترميم اڻٽر آهي، اليڪشن جي منشور ۾ آئيني عدالتن جي ڳالھ ڪئي وئي ھئي.