جسٽس منصور شاهه کي واٽس ايپ پيغام تڪراري ۽ ناقابل قبول بڻايو؟

اسلام آباد(فخر دراني+منيب فاروق+انصار عباسي)ڇا جسٽس منصور علي شاهه 12 جولاءِ واري(مخصوص سيٽن وارو) فيصلي سبب چيف جسٽس نه بڻجي سگهيو؟عام تاثر اهو آهي ته جسٽس منصور علي شاهه مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏيڻ واري فيصلي جي ڪري طاقتور حلقن لاءِ ناقابل قبول ٿيو پر اصل ۾ هن جي ڪجهه رابطن،ٽيڪسٽ ميسيجن ۽ واٽس ايپ  پيغامن سبب کيس چيف جسٽس نه بڻايو ويو،جيڪي ٽريس ڪيا ويا هئا، حڪومت وٽ سموري معلومات هئڻ باوجود اهي پيغام ليڪ نه ڪيا ويا،حڪومت ۽ ڳجهي ايجنسي وٽ منصور علي شاهه خلاف ثبوت موجود هئا ته هو تياري ڪري ايندو ۽ حڪومت پي ٽي آءِ حوالي ڪري ڇڏيندو،ڪجهه عرصو اڳ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان ۽ وفاقي وزير دفاع خواجا آصف پريس ڪانفرنس ۽ ميڊيا ٽاڪ شوز ۾ اهو چيو هو ته پي ٽي آءِ حلقن ۾ اهو تاثر عام آهي ته آڪٽوبر کانپوءِ نئون جج ايندو ته هن حڪومت کي اليڪشن آڊٽ ذريعي گهر ڀيڙو ڪندو،حڪومت وٽ انهن الزامن جا ثبوت به آهن،ذريعن موجب جنهن ڏينهن جسٽس منصور علي شاهه مخصوص سيٽن وارو فيصلو ٻڌايو ان وقت هن پنهنجي گهر واري کي هڪ واٽيس ايپ ميسيج به موڪليو هو جنهن جو ٽيڪسٽ حڪومتي ايجنسين ذريعي حڪومت وٽ به پهچي ويو،ان کانپوءِ حڪومت کي ٻيا ثبوت ملي ويا، جنهن بعد حڪومت فيصلو ڪيو ته ڪجهه به ٿي وڃي جسٽس منصور شاهه کي چيف جسٽس بڻجڻ ناهي ڏيڻو،ان ڪري حڪومت تڙتڪڙ ۾ آئيني ترميم پاس ڪرائي،بلاول به فضل الرحمان کي چيو ته توهان کي جمهوري قوتن جو ساٿ ڏيڻو آهي،جج پاناما،خط نه لکڻ تي چونڊيل وزيراعظمن کي گهر موڪلي ڇڏين ٿا،جسٽس منصور شاهه جي نگراني ڪئي وئي،جسٽس منيب اختر جي تاريخ سڀني جي سامهون آهي، هن ثاقب نثار ۽ جسٽس عمر عطا بنديال سان گڏ ويهي تڪراري فيصلا ڏنا اهو طئي هو ته حڪمران اتحاد هن کي به ڪنهن به صورت ۾ چيف جسٽس جي عهدي لاءِ غور نه ڪندو،اهي به اطلاع آهن ته جسٽس منصور علي شاهه مولانا فضل الرحمان ۽ ڪامران مرتضيٰ ذريعي حڪومت ۽طاقتور حلقن کي خاطريون ڪرايون ته هو ڪو به مس ايڊونچر نه ڪندو، جڏهن ته جسٽس يحيٰ آفريدي ڪيسن جي ٻڌڻي دوران سياسي رمارڪس کان پاسو ڪندو آهي ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو آهي،هن چيف جسٽس جو عهدو قبول ڪري ورتو آهي،اطلاع آهن ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر ٻن ڏينهن ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندا، جسٽس منصور علي شاهه مخصوص سيٽن واري فيصلي تائين غيرتڪراري جج هو پر فيصلي کانپوءِ هڪ مٿان ٻي وضاحت ڏيڻ شروع ڪري ڏني،جسٽس آفريدي هڪ آزاد قسم جو جج آهي جنهن پاڻ کي ڪنهن تڪرار ۾ ناهي وڌو،وڪيل تنظيمن به هن جي مقرري جي آجيان ڪئي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 24 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.