جسٽس يحيٰ آفريدي چيف جسٽس جو عهدو قبول نه ڪري: حامد خان

لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حامد خان چيف جسٽس جي عهدي لاءِ نامزد جسٽس يحيٰ آفريدي کان عدالت سڳوري جي اعليٰ ترين جج جو عهدو قبول نه ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته اوهان پنهنجي نمبر تي چيف جسٽس بڻجو، ٻئي صورت ۾ سموري عدليه هيٺ مٿي ٿي ويندي. لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حامد خان چيو ته ملڪ خوفناڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي. 20 ۽ 21 آڪٽوبر ملڪ جي ڪجهه ڪارن ڏينهن مان هڪ هئا. هن چيو ته يوسف رضا گيلاني ۽ نوازشريف کي ڪڍڻ جو بدلو سموري عدليه کان ورتو پيو وڃي. جسٽس يحيٰ آفريدي کي اپيل ڪريون ٿا ته اوهان جو هن وقت تائين سٺو رڪارڊ آهي ماڻهو به اوهان کي سٺو جج سمجهن ٿا اوهان پنهنجو نمبر اچڻ تي چيف جسٽس بڻجو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.