رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) انٽربئنڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب، ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ آمريڪي ڊالر جي قيمت 277 رپيا 73 پئسا آهي.
انٽربئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 277.74 رپين تي بند ٿيو هو، اهڙي ريت ڊالر هڪ پسئو سستو ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت پنج پئسا لاٿ بعد 278 رپيا 67 پئسا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.