هاڻي جج محتاط ٿي آئين مطابق فيصلا ڏيندا:خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پارلياماني ڪميٽي ۾ ڊگهو پر سٺو بحث ٿيو، جن ججن کي چيف جسٽس نه بڻايو ويو اهي به قابل احترام آهن، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته جسٽس منيب اختر جي نالي تي به غور ڪيو ويو، هڪ ووٽ جسٽس يحيٰ آفريدي جي خلاف به آيو، منهنجو اندازو آهي ته جسٽس يحيٰ آفريدي نامزدگي قبول ڪندو، جيڪي جج نامزد نه ٿيا اهي به عدليه ۾ ئي رهندا، اسان طئي ڪيو آهي ته ڪميٽي جي بحث کي قطعي طور ٻاهر نه آڻينداسين، هن چيو ته فوج جي سياست تي مداخلت جي تاريخ آهي،اهي اسان جا رکوالا آهن، اهي قربانيون ڏئي رهيا آهن، ان اداري ۾ به آرمي چيف لاءِ پنج نالا وزيراعظم وٽ اچن ٿا ته پوءِ ججن جي مقرري لاءِ پارليامينٽ وٽ اختيارن تي اعتراض ڇو آهي؟وزيراعظم جي ان اختيار تي اعتراض ڇو آهن؟ هاڻي جج آئين ۽ قانون جي حدن ۾ رهي محتاط ٿي ويندا، پارلياماني ڪميٽي ۾ ٽن ڪلاڪن تائين جمهوري انداز ۾ بحث ڪيو، اسان پي ٽي آءِ کي ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وفد به موڪليو هو، ڪنهن ميمبر کي ترميم لاءِ اغوا ڪيو ويو؟ قاسم رونجهو به پنهنجي پريس ڪانفرنس کان انڪاري ٿي ويو آهي، باقي چار ميمبر پي ٽي آءِ جا نه آزاد ميمبر هئا، پي ٽي آءِ ڪهاڻيون ٺاهڻ ۾ ماهر آهي، انهن جو هڪ ماڻهو ٻڌايو جيڪو ٽٽي اسان وٽ آيو هجي، هن چيو ته جمهوري ملڪن ۾ اهڙو حق آهي، اسان جو ڪنڊڪٽ واضح ڪندو ته عدليه آزاد رهندي،ان ۾ ڪو به سياسي مقصد ناهي، يحيٰ آفريدي جي آزادي جو دفاع ڪنداسين، ڪميٽي ۾ اڪثريت جسٽس يحيٰ آفريدي کي تمام گهٽ سڃاڻيندا هئا، ججن جا فيصلا اسان جي جمهوريت کي ڌڪ پهچائي رهيا هئا، ايترن جهٽڪن باوجود اسان جي جمهوريت زندهه  آهي، جيستائين ميڊيا آزاد آهي هن ملڪ ۾ ڪا به غلط ڳالهه نٿي ٿي سگهي، عدليه ۾ مداخلت تي يقين نٿو رکان،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.