قاسم رونجهي ڪٿا ٻڌائڻ چاهي، حڪومت شرم سبب ڪورم ٽوڙي ڇڏيو: اختر مينگل

اسلام آباد(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه سردار اختر مينگل دعويٰ ڪئي آهي ته سندس پارٽي جو سينيٽر قاسم رونجهو سينيٽ اجلاس ۾ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ چاهي پيو ته حڪومت شرم  سبب ڪورم ٽوڙي ڇڏيو. ڪالهه اڱاري ڏينهن ملڪ جي ايوان صدر (سينيٽ) جو اجلاس ڪورم پورو نه ٿيڻ سبب بنا ڪنهن ڪارروائي جي جمعي جي صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته 1973ع جي آئين جون جهڙي طرح ڌڄيون اڏايون ويو اهو ڪنهن آمر جي دور ۾ به ڪڏهن نه ٿيو هوندو. اختر مينگل چيو ته حڪومتي وزير پاڻ تجويز ڪيل آئيني ترميم تي متفق نه هئا. بي اين پي سربراهه دعويٰ ڪئي ته ايم پي ايز جون وفاداريون تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪالهه سمورو ڊرامو پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، ان سڄي سرڪس کي آصف زرداري جي سرڪس يا انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جو نالو ڏيو. هن چيو ته جنهن گهر ۾ انساني عزت محفوظ نه هجي، ان ۾  ويهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.