اسلام آباد (م ڊ) آئيني ترميم لاءِ ووٽ ڏيندڙ سينيٽر قاسم رونجهو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. بي اين پي مينگل جي باغي سينيٽر قاسم رونجهو سينيٽ جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هن ميڊيا کي ٻڌايو ته نامعلوم ماڻهن مون کي 7 ڏينهن تائين مهمان بڻائي رکيو،ان دوران مون کي مليريا ٿي پئي،استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان، ٻئي پاسي قاسم رونجهي پنهنجي اڳوڻي بيان جي ترديد ڪندي چيو ته اختر مينگل مون کان زبردستي پريس ڪانفرنس ڪرائي.