چين ۽ ڀارت جو سرحدي تڪرار حل ڪرڻ تي اتفاق

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ڀارت سان رسحدي تڪرار حل ڪرڻ جي اتفاق ڪري ورتو.
چيني پرڏيهي وزارت موجب سرحدي تڪرار جي حل لاءِ گڏيل قدم کنيا ويندا، ٻئي ملڪ سفارتي ۽ عسڪري سطح تي رابطي ۾ آهن، ان حوالي سان جلد عملي قدم کنيا ويندا.
هوڏانهن ڀارت چيو ته پاڙيسري ملڪ چين سان انتهائي تڪراري سرحدي علائقن ۾ فوجي گشت لاءِ هڪ معاهدو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد 2020 ۾ فوجن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ آهي.
واضح رهي ته چين ۽ ڀارت جو سرحدي علائقن تي تڪرار هلندو رهيو آهي، ٻئي هڪٻئي تي سرحدي علائقن تي قبضي جي ڪوشش جو الزام هڻندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.