ڪرڪيٽ قانونن ۾ ڦيرڦار لاءِ اهم تجويزون سامهون اچي ويون

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ قانونن ۾ ڦيرڦار لاءِ اهم تجويزون پيش ڪري ڇڏيون.
دبئي ۾ آءِ سي سي بورڊ گڏجاڻي ۾ آءِ سي سي ڪرڪيٽ ڪميٽي نيون سفارشون پيش ڪيون، جنهن موجب ڊبليو ٽي سي جي ايندڙ سائيڪل ۾ ٽيسٽ سيريز ٻن بدران ٽن ميچن جي هئڻ گهرجي.
آءِ سي سي ڪرڪيٽ ڪميٽي موجب، ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ سميت ڪجهه ملڪ رڳو ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز کيڏن ٿا، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڀارت وڌيڪ ميچن جي سيريز کيڏن ٿا، اهڙي ريت ٽيسٽ ڪرڪيٽ ترقي سوليا نشان بڻيل آهي جڏهن ته پوائنٽس جي ورڇ به غير منصفاڻي ٿي وڃي ٿي.
ڪميٽي موقف اختيار ڪيو ته ايندڙ سائيڪل ۾ ميزبان ملڪن کي شيڊيول ٺاهڻ وقت وڌيڪ ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچون رکڻ گهرجي، ڀارت ۾ ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ جي ٽڪيٽون عام ٽيسٽ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڪرو ٿيون.
ان کانسواءِ آءِ سي سي ڪرڪيٽ ڪميٽي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ جي شروعاتي پنجويهه اوورن دوران ٻه بال استعمال ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.
ڪميٽي موجب، ون ڊي ميچ ۾ پنجويهه اوورن کانپوءِ هڪ ئي بال استعمال ڪيو ويندو، اِها سفارش بيٽرز ۽ بالرز ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، آءِ سي سي ڪرڪيٽ ڪميٽي جي سفارشون ڪپتانن ڏانهن اُماڻيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.