اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت لبنان ۽ غزا لاءِ امدادي سامان جا ٻه جهاز فوري طور موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ غزا ۽ لبنان موڪلي ويندڙ امداد جي حوالي سان جائزو ورتو ويو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم ٻه جهاز فوري طور موڪلڻ جي هدايت ڪئي.
شهباز شريف امداد جي پهچ لاءِ فلسطين، اردن، لبنان ۽ مصر ۾ پاڪستاني سفيرن سان رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته امداد حقدارن تائين پهچي ۽ امدادي سامان جي پهچ جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي.
وزيراعظم رليف فنڊ بابت آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام عطيا جمع ڪرائي فلسطيني ۽ لبناني عوام جي مدد ۾ ساٿ ڏئي.
You might also like