لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آسٽريليا ۽ زمبابوي جي دوري لاءِ محمد رضوان وائيٽ بال اسڪواڊ جي ڪپتاني جو مضبوط اميدوار بڻجي ويو.
آسٽريليا ۽ زمبابوي جي ٽور لاءِ ٽيم جو اعلان هڪ ئي وقت ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، آسٽريليا جي دوري ۾ سينيئرن رانديگرن جي شموليت، جڏهن ته زمبابوي جي دوري ۾ آرام ڏئي سگهجي ٿو.
ذريعن موجب وائيٽ بال اسڪواڊ ۾ ڪيترن ئي نون چهرن کي موقعو ڏئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ عمير بن يوسف، عرفان خان نيازي، ڪامران غلام، حسيب الله، سفيان مقيم، محمد حسنين شامل آهن، جڏهن ته سعود شڪيل، شاداب خان ۽ افتخار احمد کي ڊراپ ڪرڻ جو امڪان آهي.
بابر اعظم، شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه آسٽريليا جي دوري ۾ شامل هوندا، جڏهن ته فخر زمان کي سليڪشن فٽينس سان مشروط آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد رضوان کي وائيٽ بال جو ڪپتان مقرر ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.
Next Post
You might also like