سنڌ حڪومت جو شهرين کي ڊينگي کان بچائڻ لاءِ اهم فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت شهرين کي ڊينگي ۽ ٻين مرضن کان بچائڻ لاءِ فيوميگيشن مهم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪمشنر ڪراچي، بلديات سيڪريٽري، سمورن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ميونسپل ڪمشنر سميت ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي جي 25 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز ۾ ڦوهاري جي مهم هلائي ويندي.
چيف سيڪريٽري چيو ته ڊينگي جي خاتمي لاءِ ڦاهارو مهم شروع ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.