لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ لنڊن ويندو.
ذريعن موجب نواز شريف کي ٻه هفتا اڳ لنڊن وڃڻو هو پر هو 26هين ترميم جي ووٽنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ ترسيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف هڪ هفتي تائين لنڊن پهچندو، هو اتي مختصر وقت گذارڻ کانپوءِ آمريڪا روانو ٿيندو، حسين نواز سان گڏ خاندان جو هڪ ٻيو فرد به ساڻس گڏ ويندو.
ذريعن موجب نواز شريف کي آمريڪا جي ويزا هن ئي هفتي ملڻ جو امڪان آهي.
You might also like