وڌيڪ مهارت واري عورت کي ڪمپني نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.
گوگل جي هڪ انجنيئر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته جڏهن هن ملازمت لاءِ درخواست ڏني هئي ته ريڪروٽر چيو هو ڇو ته هوءَ گهربل قابليت کان وڌيڪ قابليت رکندڙ آهي، تنهن ڪري کيس ملازمت تي نٿو رکي سگهجي.
دهلي جي انو شرما گوگل طرفان جوابي ايڪس پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نوڪري لاءِ جيڪا قابليت گهري وئي هئي، توهان وٽ ان کان وڌيڪ قابليت آهي ۽ اسان جو تجربو اهو آهي ته جيڪڏهن وڌيڪ قابليت واري ڪنهن کي فرد کي رکيو وڃي ته اهو دل لڳائي ڪم ناهي ڪندو ۽ نيٺ ادارو ڇڏي ڏيندو آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انو شرما جي ايڪس پوسٽ تي تبصرن ۾ به گهڻن ماڻهن چيو اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته وڌيڪ قابليت وارن کي ملازمت ناهي ڏني ويندي، ان جو بنيادي سبب اهو بيان ڪيو ويندو آهي ته اهي موجوده ملازمت مان غير مطمئن ٿي نئين ملازمت جي ڳولا ڪندا رهندا آهن ۽ موجوده ملازمت ۾ گهڻي دلچپسي ناهن رکندا.
Prev Post
You might also like