وفاداريون تبديل ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين: علي امين گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته وفاداريون تبديل ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين.
ڪي پي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار علي امين گنڊاپور چيو ته جيڪا غير آئيني ترميم ڪئي وئي آهي، اها ڪجهه اشرافيا لاءِ ڪئي وئي آهي، عدليا کي اشرافيا هيٺان آڻي محڪوم بڻايو ويو آهي.
هن چيو ته جعلي مينڊيٽ واري حڪومت عدليا تي حملو ڪيو، مرضي جا ماڻهو ويهاري فيصلا ڪندئو ته ادارا اڳتي نه وڌندا، رات جي اونداهي ۾ هڪ غير آئيني قدم کنيو ويو.
سندس چوڻ هو ته جن پنهنجون وفاداريون تبديل ڪيون، انهن کان حساب وٺنداسين، اسان انهن کي نه ڇڏينداسين، اڄ رات تائين نالا اچي ويندا، ڪنهن کي نه ڇڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.