مردان (ويب ڊيسڪ) نيو اڊا بالا خاني ۾ ڇري جا وار ڪري ٻن کدڙن فقيرن کي قتل ڪيو ويو.
پوليس ذريعن موجب نيو اڊا بالا خاني ۾ ٻن کدڙن فقيرن جي قتل جي خبر ملڻ تي نفري اتي پهتي ۽ ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش اسپتال نيا ويا.
مقتولن جي سڃاڻپ صابر عرف نازڪ ۽ سليمان عرف سلمانو سان ٿي.
پوليس چيو ته کدڙن فقيرن کي ڇري جا وار ڪري ماريو ويو، جاچ جاري آهي ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
You might also like