پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي! بالي ووڊ وارن ريشمان جو هڪ ٻيو گيت ڪاپي ڪري ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ايندڙ سسپنس ٿرلر فلم ” دوپتي“ ۾ فلمساز پاڪستان جي ناليواري گلوڪارا مرحومه ريشمان جو گيت ” اکيان دي ڪول ڪول “ ڪاپي ڪري ورتو.
ڪاجول ۽ ڪريتي سينن جهڙين اداڪارائن جي ڪاسٽ تي ٻڌل فلم ” دوپتي“ 25 هين آڪٽوبر تي نيٽ فلڪس تي رليز ڪئي ويندي.
فلم ۾ پاڪستاني گلوڪارا مرحومه ريشمان جي مشهور گيت ” اکيان نون رهن دي، اکيان دي ڪول ڪول“ کي ڪاپي ڪري شامل ڪيو ويو آهي.
پاڪستان جي پنجابي ڪلاسيڪل گيت جي ڪاپي کي شلپا رائو ڳايو آهي جڏهن ته نئين گاني جا ٻول ڪوثر منير لکيا آهن.
بالي ووڊ گيت جي موسيقي تنشڪ باغچي سيهڙي آهي جنهن کي ڀارت جي سڀ کان وڏي ميوزڪ ڪمپني ٽي سيريز جي بئنر هيٺ رليز ڪيو ويو آهي.
گيت ٻه ڏينهن اڳ رليز ڪيو ويو ۽ هنيئر تائين يوٽيوب تي اٽڪل اسي لک ڀيرا ڏٺو ويو آهي، جڏهن ته واهپيدارن گيت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.
گهڻي قدر واهپيدارن گيت کي ڪلاسيڪل پنجابي گاني جي بدترين ڪاپي قرار ڏنو ۽ ٽي سيريز سميت ڀارتي فلمساز، موسيقار، گلوڪار ۽ اداڪارا ڪريتي سينن کي تنقيد جو نشانو بڻايو.
ٽي سيريز گاني کي رليز ڪندي اعتراف ڪيو ته هي گيت ريشمان جي 1979ع ۾ رليز ٿيل گيت جي ڪاپي آهي.
ان کانسواءِ ٽي سيريز يوٽيوب تي اصل گيت جي گلوڪارا سميت شاعر ۽ موسيقار کي به ڪريڊٽ ڏنو.
” اکيان دي ڪول “ نالي جاري ڪيل گيت ڪريتي سينن تي فلمايو ويو آهي جڏهن ته ڪاجول پوليس آفيسر طور ڪيس انڪوائري ڪندي نظر اچي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.