رباڊا، وقار يونس جو ٻه ڏهاڪا اڳ قائم ڪيل رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش خلاف ميرپور ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ دوران ڏکڻ آفريڪا جي فاسٽ بالر ڪگيسو رباڊا تيز ترين ٽي سئو وڪيٽون حاصل ڪري پاڪستان جي ليجنڊري فاسٽ بالر وقار يونس جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
بنگلاديش ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ميزبان ٽيم پهرئين ئي ڏينهن 106 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
بنگلاديش جا ست رانديگر ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا، محمود الحسن جوءِ 30 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي جڏهن ته تي السلام 16، مهدي حسن ميراز 13 ۽ مشفيق الرحيم 11 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪگيسو رباڊا، ويان ملڊر ۽ ڪيشو مهاراج ٽي، ٽي وڪيٽون ورتيون.
بنگلاديش جا 21 رنسن تي ٽي رانديگر آئوٽ هئا، ان دوران رباڊا وڪيٽ ڪيپر بيٽر مشفيق الرحيم کي آئوٽ ڪري پنهنجي ڪيريئر جي 300 هين وڪيٽ حاصل ڪئي.
رباڊا تيز ترين ٽي سئو شڪار مڪمل ڪندڙ بالرن جي لسٽ ۾ پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي، هن اِهو ڪارنامو 11 هزار اٺ سئو سترنهن بالن تي انجام ڏئي وقار يونس جو رڪارڊ ٽوڙيو، جنهن 12 هزار ڇهه سئو ٻن بالن تي اِهو اعزاز حاصل ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.