اسلام آباد (و يب ڊيسڪ ) 26 هين آئيني ترميم تحت هاڻ چيف جسٽس پاڪستان جي چونڊ ٽن سينيئر ججن مان ڪئي ويندي.
سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبليءَ به 26 هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ حڪومت ٻنهي ايوانن ۾ اڪثريت ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي.
چيف جسٽس آف پاڪستان ڪيئن چونڊيو ويندو؟
سينيئر ترين جج چيف جسٽس لاءِ پاڻمرادو چوائس نه هوندو ان جي ابتڙ چيف جسٽس پاڪستان جي چونڊ ٽن سينيئر ججن مان ڪئي ويندي.
نئين ترميم تحت چيف جسٽس جي نالي جو فيصلو 12 رڪني پارلياماني ڪميٽي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ڪندي.
ڪميٽي وزيراعظم کي چيف جسٽس جو نالو اُماڻيندي جنهن کانپوءِ وزيراعظم هاڻ صدر ڏانهن منظوري لاءِ نالو موڪليندو.
ڇويهين آئيني ترميم موجب، ٽن سينيئر ججن مان ڪنهن جج جي انڪار جي صورت ۾ ٻئي سينيئر ترين جج جو نالي تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته چيف جسٽس جي ملازمت جو مُدو ٽي سال يا سندس رٽائرمينٽ جي عمر جي حد مطابق پنجهٺ سال هوندو.
نئين آئيني ترميم کانپوءِ چيف جسٽس جي چونڊ ڪير ڪندو ۽ طريقيڪار ڇا هوندو؟ ڄاڻي وٺو
You might also like