محمد عثمان ميمڻ جو ڪتاب ”آثارِ قَديمه “ جو مختصر اڀياس

تحرير: امين جويو

هي ڪتاب تازو هن ئي سال (2024 ع ) ۾ سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي . هن ڪتاب جو ليکڪ محمد عثمان ميمڻ آھي ، پر هن ڪتاب جو رهيل ڪم ، ڦوٽو گرافي ۽ ترتيب احسان احمد ميمڻ ڏني آهي.

ھي ڪتاب ٻن جلدن تي مشتمل آھي ، هن ڪتاب ۾ سنڌ جي لڳ ڀڳ پوڻا چار سئو ماڳن مڪانن ، تاريخي عمارتن ، مسجدن ، مندرن ، گردوارن ، ڇٽين ۽ دڙن جي بهترين ۽ ڀرپور ڄاڻ ڏنل آهي . ان سان گڏ انهن جون تصويرون ۽ ڏس پنڌ به هن ڪتاب ۾ شامل آهي ته جيئن وڌيڪ تحقيق ڪرڻ وارا ۽ سياح انهن ماڳن تي  سولائيءَ سان پهچي سگهن.

هن ڪتاب جي ٻي اهم خوبي اها آهي ته هن ۾ ” الف _ ب “ وار جي ترتيب سان ماڳن جا نالا ۽ انهن جا ٻيا تفصيل لکيل آهن ، جنهن جو پڙهندڙن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ هو يڪدم پنهنجي گهربل ماڳ جي مواد کي ڳولي وٺندا.

هن ضخيم ڪتاب ۾ سنڌ جي ” الف “ کان وٺي “ س “ تائين شروع ٿيندڙ ٽي سئو اسي ماڳن مڪانن بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي ، جيڪا وڌيڪ تحقيق ڪرڻ وارن کي بنيادي ڄاڻ ڏئي ٿي.

هي ڪتاب جو پهريون حصو آهي جنهن ۾ ڇهه سئو ٽيهٺ صفحا موجود آهن ، ان کان پوءِ ظاهر آ ٻيو حصو به ايندو ۽ منهنجي اندازي موجب هن ڪتاب جا صفحا هڪ هزار کان به وڌي ويندا .

سنڌي ٻوليءَ ۾ قديم آثارن جي موضوع تي هن کان وڌيڪ ضخيم ڪتاب اڳ ۾ ڪڏهن به منهنجي نظرن منجهان نه گذريو آهي . هن ڪتاب کي سڀني مرحلن منجهان اڪاري ڇپرائيندڙ سڀني مانوارن کي جَسُ هجي جن هيڏو وڏو خفو پاڻ تي کنيو ۽ سنڌ جي سمورن قديم آثارن بابت مواد گڏ ڪري  ، هڪ ئي ڪتاب ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو .

سنڌ جي قديم آثارن ، ثقافتي ۽ سياحتي ماڳن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق رکندڙن ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي هي ڪتاب لازمي طور پڙهڻ گهرجي ۽ سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي کي گهرجي ته هن جو ٻيو ڀاڱو به جلدي ڇپرائي پڌرو ڪري ته جيئن اڻ ڇپيل مواد به منظر عام تي اچي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.