اسلام آباد(طلعت حسين)مولانا فضل الرحمان آخري وقت تائين ڪوشش ڪئي ته هو آئيني ترميم جو چيمپئن بڻجي وڃي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف سان هن جو تعلق به برقرار رهي،ڪالهه رات بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي خواهش تي آئيني ترميم جي منظوري روڪرائي،حڪومت وقت ان اڳڀرائي تي خوش نه هئي، ڪالهوڪي ڏينهن ترميم ۾ دير ٿئي ها ته فضل الرحمان جيڪي به ”معاملا “حڪومت سان طئي ڪيا هئا اهي ردي جي ٽوڪري ۾ هليا وڃن ها،هن(فضل الرحمان) پنهنجي لاءِ هڪ پئڪيج تيار ڪيو آهي جنهن ۾ گهڻا سياسي فائدا شامل آهن،ذاتي معاملا به آهن، مستقبل جا واعدا به آهن،حڪومت ته اڳ ئي زور زبردستي سان ترميم پاس ڪرائڻ جو طئي ڪري ڇڏيو هو، فضل الرحمان ساٿ نه ڏئي ها ته پوءِ هن جي اهميت به ختم ٿي وڃي ها،آئيني پئڪيج جو مقصد اهو هو ته حڪومت سمجهي ٿي ته عمران خان خلاف ٿي سگهي ٿو درجنين ڪيس جعلي ۽ بي بنياد هجن پر ٻه ٽي ڪيس اهڙا به آهن جن تي به عدليه جي هڪ خاص گروپ ”ٿڌو پاڻي“ هاري کيس(عمران خان) کي پاڪ پوتر بڻائي ڇڏيو آهي،حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي خدشو آهي ته پي ٽي آءِ جنهن نئين چيف جسٽس(منصور شاهه)مان اميدون لڳائي ويٺي آهي هو جيڪڏهن اچي ويو ته پوءِ سمورو نظام زلزلي جو شڪار ٿي ويندو،اڄ اليڪشن ڪميشن جو به اجلاس آهي جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويندو جن ميمبرن پارٽي وابستگي لاءِ حلف نامو جمع ناهي ڪرايو انهن تي پارٽي پاليسي لاڳو نه ٿيندي،مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل کي نه ملنديون ۽ اهي ٻين پارٽين ۾ ورهايون وينديون،ان معاملي تي ججن جي ٻيهر وضاحت تڪراري بڻجي وئي آهي،آئيني ترميم تي هاڻي پهريون ردعمل تحريڪ انصاف،وڪيلن پاران ايندو،جڏهن ته ڪجهه سياسي ججن پاران به ردعمل اچي سگهي ٿو جن جو اهو خيال آهي ته وٽن دانشمندي جا چشما موجود آهن جن ذريعي هو ملڪ اندر سياسي تطهير جو عمل شروع ڪري سگهن ٿا،ماڻهن جي ٽرولنگ به ٿيندي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 21 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو