جسٽس منصور شاهه سرگرم، حڪومت جي مولانا کي پراڻي مسودي جي ڌمڪي

اسلام آباد(منيب فاروق)مولانا فضل الرحمان کي اهو پيغام ڏنو ويو هو ته جيڪڏهن آئيني ترميم لاءِ ووٽ نه ڏنو ته پوءِ حڪومت جو اصل مسودو پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ آئيني عدالت جي ڳالهه ٿيل هئي،پ پ کي به آئيني عدالت تي ڪو به اعتراض نه هو،اهو به چيو ويو ته مولانا جيڪڏهن حڪومت سان گڏ نه ٿيو ته ترميم ته ڏنڊي ۽ سنئوٽي سان جيئن تيئن ڪري هر حال ۾ منظور ڪرائي ويندي،جسٽس منصور علي شاهه خبر ناهي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجندو يا نه پر پي ٽي آءِ اڃا به هن مان اميدون لڳائي ويٺي آهي، جسٽس منصور علي شاهه ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو چيف جسٽس بڻجي وڃي، سپريم ڪورٽ جي جج تازي صورتحال ۾ طاقتور ماڻهن کي پيغام موڪلي پنهنجي حوالي سان خدشا ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،هن سياسي جماعتن کي به پيغام موڪليا آهن،هن تي ڪير به اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ذريعن مطابق گهڻن ماڻهن جي خواهش آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عدالتي نظام جو حصو رهي،پر هو 25 آڪٽوبر تي گهر هليو ويندو، پر اها ڳالهه طئي آهي ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جيڪو اصل مسودو چاهي رهي هئي اهو منظور ناهي ٿيو،پارليامينٽ 19هين ترميم ختم ڪري ججن جي مقرري جو اختيار پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آهي،هاڻي ڏسجي ته ججن جو ڪهڙو ردعمل اچي ٿو؟ڪيترا جج استعيفيٰ ڏين ٿا؟هن وقت سموريون نظرون جسٽس يحيٰ آفريدي ڏانهن آهن هو نئون چيف جسٽس بڻجي سگهي ٿو،هن پوري معاملي ۾ پي ٽي آءِ وري به خالي هٿين موٽي آهي،جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس نه ٿي سگهندو، مخصوص سيٽن وارو فيصلو ريورس ٿي ويندو، حڪومت وڌيڪ اڪثريت سان فيصلا ڪري سگهندي،هن نظام کي وڌيڪ طاقت ملي ويندي.

نوٽ:  هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 21 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.