اسلام آباد(فخر دراني)جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پهرين ڏينهن کان وٺي ترميم جي منظوري واري ڏينهن تائين حڪومت کي اهو قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ته جسٽس منصور علي شاهه جو چيف جسٽس بڻجڻ جو رستو نه روڪيو وڃي، جنهن تي حڪومت انڪار ڪري ڇڏيو، ان ڪري مولانا آئيني مسودي جي معاملي تي دير ڪئي،حالانڪه فضل الرحمان کي خبر هئي ته عمران خان ڪنهن به صورت ۾ ان آئيني ترميم کي قبول نه ڪندو پر ان جي باوجود هو حڪومت کان وقت وٺندو رهيو،هن حڪومت کان پي ٽي آءِ اڳواڻن لاءِ عمران خان جي جيل ۾ ملاقات جو به بندوبست ڪرائي ڏنو،مولانا جو مطالبو هو ته نئين چيف جسٽس جي مقرري هن ڀيري پراڻي طريقي سان ڪئي وڃي،ايندڙ ڀيري کان پارلياماني ڪميٽي ذريعي مقرري ڪئي وڃي پر حڪومت انڪار ڪندي چيو ته جيڪڏهن مولانا ترميمن ۾ ساٿ نه ڏنو ته پوءِ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل واري پراڻي مسودي کي منظور ڪرايو ويندو،حڪومت وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت موجود آهي،حڪومت وٽ ڪالهوڪو ڏينهن آخري مهلت هئي، هاڻي ترميمن جي منظوري بعد پارلياماني ڪميٽي جوڙي حڪومت کي نئين چيف جسٽس جو نالو فائنل ڪرڻو آهي، اڄ ترميم منظور نه ٿئي ها ته پوءِ حڪومت وٽ ڪميٽي ٺاهڻ لاءِ وقت نه هجي ها،حڪومت پاران ڊيڊلائن ڏيڻ بعد فضل الرحمان مجبوري ۾ ووٽ ڏيڻ واري ”سواري“ ۾ چڙهيو.