درياهه تي ڌاڙي خلاف بدين ۾ تاريخي جلسو، پنجاب جي رستا روڪ ڪنداسين

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ وڌيڪ ڊيم ۽ ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڪراچي مان نڪتل سنڌ بچايو بيداري مارچ بدين پهتو، ڊي سي چوڪ بدين تي جلسو ڪيو ويو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ پير صدر الدين شاھ راشدي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب جا ويران علائقا آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءِ مان 6 نوان ڪينال ڪڍي 40 لک غير آباد زمينون آباد ڪيون وينديون ته ٻئي پاسي سنڌ جي سون جھڙين آباد زمينن کي غير آباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ناقص پاليسي ٺاھيندڙن کي ھاڻي سوچڻو پوندو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراھه سيد زين شاھ چيو ته سنڌو تي ڌاڙي لاءِ هن وقت بندوق جي زور تي پنجاب جي 36 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ رٿا رکي وئي آهي جنهن کي گرين پاڪستان جو نالو ڏنو ويو آهي، ٻي پاسي سنڌ ۾ 36 ديهون سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، سنڌو دريا مان ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ جي ساحلي پٽي مڪمل بنجر ٿي ويندي، ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿي ويندا، جيڪو ٿيڻ نه ڏينداسين، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌو اسان لاءِ مقدس آهي جيڪي سنڌ کي سڪائڻ چاهين ٿا، اهي غدار آهن، توهان چولستان ۾ ڊيم ۽ ڪئنال هارين لاءِ نه پر رٽائرڊ ٿيل ماڻهن جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ٺاهي رهيا آهيو، پ پ جي جلسي ۾ ويندڙن کي پيغام آهي ته اوهان جي سنڌ پئي وڪامي، اوهان وري 2 هزار رپين تي جلسي ۾ پيا ٽپ ڏيو، هن چيو ته جيڪڏھن وفاق پنھنجي ھوڏ تان نه لٿو ته اسان سنڌ پنجاب رستا بند ڪري تاريخي ڌرڻو ھڻنداسين، لياقت علي جتوئي چيو ته اسان ڪالاباغ کي رد ڪيو هو هاڻي سنڌو مان نڪرندڙ ڪئنال کي به رد ڪريون ٿا، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ  چيو ته اسان سنڌ سان غداري ڪندڙن سان گهٽ نه ڪنداسين، ارسا ايڪٽ ترميم کي رد ڪريون ٿا، ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سنڌو درياءِ تي ڌاڙو سنڌ جا ماڻھون ڪنھن به صورت ۾قبول نه ڪندا، امير آزاد پنهور چيو ته بدين جون زمينون اڳئي سم ۽ ڪلر بڻجي ويون آهن وري ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي جيڪو بدين جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، نيشنل پارٽي جي مسرور جتوئي  چيو ته اسپتالن، اسڪولن ۽ دوائن تي ڌاڙو لڳل آهي، روزگار جي واحد ذريعي پاڻي تي به ڌاڙو هنيو پيو وڃي، اڳوڻي ايم پي اي حسينن مرزا چيو ته لاڙ ۾ هڪڙو ئي فصل ٿئي ٿو ساريون، جنهن جو اگھه مناسب نه ٿو ملي، هارين کان حق کسيو پيو وڃي، حشام مرزا  چيو ته فارم 47 تي آيل سنڌ خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ دوران اسان جي لاشن تان گذرڻو پوندو، عوامي جمهوري پارٽي جي خادم حسين ٽالپر چيو ته بدين جو ٻچو ٻچو سنڌ جي حفاظت ڪندو، اسان جي سنڌ کي سڪائي برپٽ بيابان آباد ڪرڻ نه ڏنا ويندا، جمعيت علماءِ اسلام جي عبدالواحد فاروقي چيو ته سنڌو دريا مٿان ڌاڙو هڻي سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائڻ ڪڏهن به نه ڏينداسين، درياه کي بچائڻ لاءِ سرن تي ڪفن ٻڌي ميدان ۾ هونداسين، مذهبي جماعت جي اڳواڻ مولوي عبدالقدوس چيو ته اسين سنڌ کي سڪائڻ ڪڏهن به نه ڏينداسين.پي ٽي آءِ اڳواڻ مسرور سيال چيو ته ڪالھه سنڌ کي کپائيندڙ جو جلسو هو، جتي رشوت ڏئي ماڻهن کي گهرايو ويو هو، پوءِ به اتي ايترا ماڻهو نه هئا جيترا اڄ هتي بنا لالچ جي آيا آهن، سازش تحت عمران خان کي هٽايو ويو، سنڌ تي ڌاڙو ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.