اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻن کي لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ رليف ملي ويو.
اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کي لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ آجو ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ راجا خرم شهزاد، علي نواز اعواڻ ۽ ٻين جوابدارن کي به ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.
سول جج شهزاد خان پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بريت جي درخواست تي اڳواٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.
ياد رهي ته لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان۽ ٻين خلاف سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
You might also like