ماڌوريءَ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ پوءِ … عدنان ٽيپو وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) مشهور اداڪار عدنان شاهه ٽيپو بالي ووڊ ڌڪ ڌڪ گرل ماڌوري ڊڪشت سان گڏ ڪم ملڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
ويجهڙ ۾ عدنان شاهه ٽيپو اداڪار فيصل قريشيءَ جي پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي کائنس ڪيريئر ۾ ڪو ڪم نه ڪرڻ تي افسوس بابت سوال پڇيو ويو.
ان سوال جي جواب ۾ عدنان شاهه چيو ته کيس بالي ووڊ اداڪارا ماڌوري ڊڪشت سندس فيورٽ آهي ۽ هو ساڻس گڏ ڪرڻ جو خواهشمند هو.
اداڪار انڪشاف ڪيو ته کيس ماڌوري سان گڏ فلم ڊيڙهه عشقيه ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو به ملي رهيو هو ۽ هن فلم لاءِ آڊيشن پڻ ڏني هئي.
عدنان شاهه ٽيپو جو چوڻ هو ته هو فلم ۾ نواب جو ڪردار ادا ڪرڻ وارو هو جيڪو پوءِ وجئه راز ڏانهن هليو ويو، اِهو هڪ اهڙو ڪردار هو جيڪو هو ڪرڻ چاهي پيو ڇو ته هو ماڌوري جو تمام وڏو مداح آهي، اِها فلم ماڌوريءَ سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو هئي.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته ان کانسوا ءِ هو پنهنجي فني سفر جي ۾ حاصل ڪيل سمورين ڪاميابين تي شڪر ادا ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.