پ پ ۽ جي يو آءِ جو آئيني ترميم تي 100 سيڪڙو اتفاق ٿي چڪو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ ۽ جي يو آءِ جو آئيني ترميم تي 100 سيڪڙو اتفاق ٿي چڪو آهي.
فضل الرحمان سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊگهي مشاورتي عمل کانپوءِ آئين سازي جو عمل اڳتي وڌندو پيو وڃي، جڊيشل ريفارمز تي مولانا فضل رحمان سان ڳالهه ٻولهه ٿي.
هن چيو ته پ پ ۽ جي يو آءِ جو آئيني ترميم تي 100 سيڪڙو اتفاق ٿي چڪو آهي، آئيني ريفارمز تي ٻئي جماعتون متفق آهن، منهنجي خواهش آهي ته آئيني ترميم مولانا فضل الرحمان پاڻ پيش ڪري، اهو ڊرافٽ جيترو پ پ جو آهي ايترو ئي مولانا فضل الرحمان جو به آهي.
سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان جي خواهش موجب ڊرافٽ ٺاهيو آهي، جيڪو ڊرافٽ اسان جو آهي، اهو مولانا فضل الرحمان پاڻ لکيو آهي، مولانا فضل الرحمان اسان جو بل کڻي اچي، پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي بچائي.
پ پ چيئرمين چيو جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارن کي اسان جي ڊرافٽ تي خدشا آهن ته مولانا جي ڊرافٽ کي ئي تسليم ڪن، اسان کان جيڪو ٿي سگهيو اسان ڪيو، هاڻ سڀ ڪجهه پي ٽي آءِ تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.