اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) 26 هين آئيني ترميم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ مشاورت جو عمل ٿي ويو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ سندس رهائش گاهه پهچي ويو جڏهن ته ان کان اڳ پي ٽي آءِ جي وفد به مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي.
بلاول ڀٽو جي مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائش گاهه تي بلوچستان نيشنل پارٽي ( مينگل ) جي سربراهه اختر مينگل سان به ملاقات ٿي آهي.
مولانا فضل الرحمان جي رهائش گاهه آمد کان اڳ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي جي وفد وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران موجودا سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ مشاورت ڪئي وئي.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته سياسي اڳواڻن پي ٽي آءِ باني جي موقف تائين ملاقات ۾ وقفي جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني جي جواب کانپوءِ مولانا فضل الرحمان سان حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.
You might also like