شاهه رخ خان زندگي ئي تبديل ڪري ڇڏي: ڪاجول

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪاجول پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعاتي دور بابت هڪ دلچسپ انڪشاف ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران ڪاجول ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ٽِين فلم کانپوءِ اداڪاري ڇڏڻ جو ارادو ڪري چڪي هئي، لاڳيتو جذباتي منظرن ۽ سخت محنت کيس ذهني ۽ جسماني طور ٿڪائي ڇڏيو هو.
ڪاجول انڪشاف ڪيو ته ” هن پنهنجي ماءُ کي چئي ڇڏيو هو ته بس! مان ٿڪجي پئي آهيان، هاڻي وڌيڪ فلمون نٿي ڪري سگهان، 18 ورهين جي عمر ۾ ئي مڪمل طور ختم ٿي چڪي هيس، ان وقت گهٽ بجيٽ وارين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو سوچي رهي هئي اِهو ئي سبب جو غنڊا راج ۽ هلچل جهڙيون فلمون سائن ڪيو.“
اداڪارا پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ان مشڪل وقت ۾ ساڻس گڏ بازيگر فلم ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار شاهه رخ خان کيس هڪ صلاح ڏني جنهن سندس زندگي جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو.
اِها ئي تبديلي سندس ڪيريئر لاءِ فائديمند ثابت ٿي ۽ ڪاجول بالي ووڊ ۾ هڪ ڪامياب ۽ مضبوط مقام ماڻيو.
ڪاجول اڄڪلهه پنهنجي نئين نيٽ فلڪس ٿرلر ” دوپتي “ جي تياري مشهوري مهم۾ رڌل آهي، جنهن ۾ ساڻس گڏ ڪريتي سينن مک ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ان کانسواءِ ڪاجول جي هڪ ٻئي فلم ” سرزمين “ به رليز لاءِ تيار آهي، جيڪا ڪرن جوهر پرڊيوس ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.