لارنس بشنوئي ڪير آهي ۽ سلمان خان کي ڇو ٿو مارڻ چاهي؟

ممبئي (و يب ڊيسڪ) سڌو موسي والا ۽ بابا صديقي جي قتل ۾ ملوث لارنس بشنوئي گينگ بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جو جاني دشمن ڇو بڻجي وئي آهي.
اِهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب ڄاڻڻ لاءِ اسان کي ٻه ڏهاڪا پوئتي وڃڻو پوندو.
سلمان خان سان لارنس بشنوئي جو تڪرار ڪڏهن شروع ٿيو؟
بشنوئي برادري ۾ ڪاري هرڻ کي هڪ مقدس سمجهيو ويندو آهي.
بشنوئي ۽ سلمان خان وچ ۾ تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن سال 1998ع ۾ سلمان خان ساٿي اداڪار سيف علي خان، تبو، سونالي ۽ نيلم سان گڏ فلم ” هم ساٿ ساٿ هين “ جي شوٽنگ لاءِ راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ موجود هئا.
سال 2018ع ۾ جوڌپور جي عدالت ڪاري هرڻ جي ڪيس ۾ سلمان خان کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، بعد ۾ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، پر ان کانپوءِ بشنوئي برادري دبنگ اسٽار جي جاني دشمن بڻجي وئي.
هلندڙ سال 14 اپريل جي صبح ٻن موٽر سائيڪل سوارن ممبئي ۾ سلمان خان جي اپارٽمينٽ ٻاهران فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا هئا.
ان کانپوءِ پوليس واقعي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، شروعات جاچ دوران جوابدارن جو واسطو لارنس بشنوئي گينگ سان ڄاڻايو ويو هو.
گينگسٽر بشنوئي جي ڀاءَ انمول بشنوئي سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جي ذميواري قبول ڪئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 13 آڪٽوبر تي گينگ جي هڪ ميمبر فيسبڪ پوسٽ ذريعي بابا صديقي جي قتل جي ذميواري قبول ڪئي.
فيسبڪ پوسٽ ۾ لکيو ويو ته گينگ بابا صديقي کي اداڪار سلمان خان ۽ دائود ابراهيم سان مبينا رابطن سبب نشانو بڻايو.
پوسٽ ۾ سلمان خان جي گهر جي ٻاهران فائرنگ ۾ هڪ جوابدار انوج ٿاپن جو به ذڪر ڪيو ويو هو.
ياد رهي ته لارنس بشنوئي جو ڳاڻيٽو ڀارت جي وڏن گينگسٽرز ۾ ٿيندو آهي ۽ هو هن وقت تهاڙ جيل ۾ قيد آهي.
مشهور پنجابي راڳي سڌو موسي والا جي قتل جي ذميواري به لارنس بشنوئي گينگ جي هڪ رڪن قبول ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.