پي سي بي سليڪشن ڪميٽي ميمبرن جو انگ گهٽجي ويو، ڪپتان ۽ ڪوچ کي نيڪالي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) سليڪشن ڪميٽي ميمبرن جو انگ گهٽائي ڇڏيو.
بورڊ گذريل هفتي ست سليڪٽرز سان گڏ ڪميٽي ۾ چئن نان ووٽنگ ميمبرن کي به شامل ڪيو هو پر هاڻ پي سي بي ويب سائيٽ تي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن جي انگ کي اَپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، سليڪشن ڪميٽي ۾ رڳو پنج ميمبر شال آهن جنهن ۾ ڪپتان ۽ هيڊ ڪوچ شامل ناهن.
بورڊ جو چوڻ آهي ته سليڪشن ڪميٽي جي پنج ميمبرن ۾ عاقب جاويد، عليم ڊار، اسد شفيق، اظهر علي ۽ حسن چيما شامل آهن، پي سي بي نان ووٽنگ ميمبرز کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، پليئنگ اليون ۾ به سليڪٽرز جو ڪردار وڌايو ويو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي سليڪٽرز ڪوچ ۽ ڪپتان سان مشاورت ڪري ٽيم جو اعلان ڪندا، سليڪٽرز ئي پليئنگ اليون کي ڪوچ ۽ ڪپتان جي مشاورت سان حتمي شڪل ڏيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.