حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته قومي عوامي تحريڪ سنڌو درياھ لاءِ ھر دور ۾ اڳواڻي وارو بنيادي ڪردار ادا ڪيو آھي. قومي عوامي تحريڪ ھر صورت ۾ سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي،اياز لطيف پليجي ڪارڪنن کي ھدايت ڪئي آھي ته سنڌو درياھ کي سڪائي ڀڙڀانگ ڪرڻ لاء 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا قانون ۾ ترميم خلاف 18 ۽ 19 آڪٽوبر تي ملير پريس ڪلب کان بدين تائين نڪرندڙ بيداري مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪن،هن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار خاطر جيڪا به جوڙ توڙ ڪري سندن مرضي آھي پر اقتدار خاطر سودي ۾ سنڌو درياءَ، سنڌ جي وحدت، مالڪي ۽ وسيلا وڪڻڻ کي سنڌ جو عوام ڪڏھن به قبول نه ڪندو،هن چيو ته سنڌ جو عوام ڪڏھن به سنڌو درياھ خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو، 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا آئين ۾ ترميم سنڌ دشمني آھي.