بابر اعظم جي سالگرهه، پي سي بي اڳوڻي ڪپتان کي وساري ڇڏيو!

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم گذريل ڏينهن پنهنجي 30 هين سالگرهه ملهائي.
قومي ڪرڪيٽر جي سالگرهه جي موقعي تي پرستارن، ساٿي ڪرڪيٽرن، اڳوڻن ڪرڪيٽرن سميت مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن کيس جنم ڏينهن جي مبارڪباد ڏيندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
15 آڪٽوبر 1994ع تي پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ جنم وٺندڙ بابراعظم جو ڳاڻيٽو هلندڙ صديءَ ۾ پاڪستان جي بهترين بيٽرن ۾ ٿيندو آهي.
بابر اعظم جو نالو ڪجهه ڏينهن کان هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيا توڻي سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي.
ريڊ بال ڪرڪيٽ ۾ مسلسل خراب ڪارڪردگي سبب سڀ کان پهريان کيس انگلينڊ خلاف باقي بچيل ٽيسٽ ميچن لاءِ قومي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو ( بابر اعظم سان گڏ، نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ اڳوڻي ڪپتان سرفراز ڊراپ ڪيو ويو هو).
مٿان وري سندس سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کيس مبارڪباد طور رسمي پوسٽ به شيئر نه ڪئي وئي جنهن کانپوءِ اهڙيون خبرون پڻ گردش ڪري رهيون آهن ته پي سي بي ۽ بابر اعظم وچ ۾ معاملا سازگار نه آهن.
گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورد، گل محمد، محمد طله، ياسر علي کي ” سرڪاري“ طور سالگرهه تي مبارڪباد پيش ڪئي.
جتي ڪرڪ انفو، انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ سميت دنيا جا مشهور سوشل ميڊيا پليٽ فارمز بابر اعظم کي شاندار نموني ٽربيوٽ پيش ڪري رهيا هئا اتي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي آفيشل سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي بابر اعظم کي مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيو!
بابر اعظم کي نظر انداز ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا واهپيدار پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
واهپيدارن جو چوڻ آهي هڪ اهڙي رانديگر جنهن ويجهي ماضيءَ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ جو بار پنهنجي ڪُلهن تي کنيو هجي ان کي اهڙي طرح تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.