مراد علي شاهه سان اطالوي سفير جي ملاقات، سنڌ ۾ اطالوي ٻولي سيکارڻ تي اتفاق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه سان اٽلي جي سفير ماريليا ارميلن ملاقات ڪئي.
ان ملاقات دوران اين اي ڊي يونيورسٽي جي اٽلي جي يونيورسٽي سان گڏيل سهڪار تي گفتگو ڪئي وئي ۽ سنڌ ۾ اطالوي ٻولي سيکارڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
اٽلي جي سفير چيو ته ٻنهي يونيورسٽين ۾ جلد ايم او يو ٿيندو.
ان کانسواءِ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته سنڌ انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ اٽلي جي فرمز سان قونصل جنرل ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪندو.
مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۽ اٽلي ثقافتي اعتبار سان لاجواب آهن.
هن ڪراچي ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ لاءِ اٽلي جي ڪمپنين کي دعوت ڏني.
وڏي وزير تعريف ڪندي چيو ته اٽلي پاڪستان ۾ وڏا پراجيڪٽ ڪيا آهن، تربيلا ڊيم جي تعمير ۾ به اٽلي ڪم ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.