نيشنل پارٽي جو بلوچستان جون سيٽون 101 ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 26هين آئيني ترميم جي معاملي تي نيشنل پارٽي آئيني ترميمن جي ڪميٽي ۾ بلوچستان اسيمبلي جون سيٽون 101 ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل پارٽي جي تجويز کي بلوچستان عوامي پارٽي جي به حمايت حاصل آهي.
ذريعن موجب نيشنل پارٽي مطالبو ڪيو ته بلوچستان اسيمبلي ۾ جنرل سيٽون 80 ۽ عورتن جون مخصوص سيٽون 17، جڏهن ته اقليتن لاءِ 4 سيٽون رکيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.