فنڊن جي کوٽ سبب پاڪستان سميت 12 ملڪن جي 20 لک ٻارن جي حياتي کي خطرو آهي: يونيسيف

گڏيل قومن جي ٻارن جي ڀلائي واري اداري يونيسيف خبردار ڪيو آهي ته زندگي بچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ خوراڪ (آر يو ٽي ايف) جي خريداري لاءِ فنڊن جي کوٽ آهي، جنهن سبب سڄي دنيا ۾ 20 لک ٻارن جي حياتي کي خطرو آهي.
يونيسيف موجب 12 شديد متاثر ملڪن ۾ 20 لک ٻارن کي بچائيندڙ خوراڪ جي فراهمي ۾ ڏکيائيون آهن.
يونيسيف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال شديد غذائي کوٽ جو شڪار 2 لک 62 هزار ٻارن کي زندگي بچائڻ واري خوراڪ فراهم ڪئي وئي، پاڪستان ۾ غذائي کوٽ جو شڪار ٻارن لاءِ موجوده سپلاءِ مارچ 2025 ۾ ختم ٿي ويندي.
يونيسيف موجب مالي، نائجيريا ۽ چاڊ جهڙا ملڪ حياتي بچائيندڙ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿي چڪا آهن يا ٿيڻ وارا آهن.
يونيسيف چيو آهي ته پاڪستان سميت وڌيڪ 8 ملڪ ايندڙ سال جي وچ تائين حياتي بچائيندڙ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.