جيڪڏهن اوهان آن لائين وڊيو ڏسڻ جا خواهشمند آهيو ته سڀ کان پهريان ذهن ۾يوٽيوب جو نالو ايندو آهي.
هاڻ گوگل جي وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم ۾ ڪيئي نيون اَپ ڊيٽس ڪيون ويون آهن ته جيئن پليٽ فارم واهپيدارن لاءِ وڌيڪ لاڀائتو بڻائي سگهجي.
يوٽيوب طرفان ٻه درجن کان وڌيڪ اَپ ڊيٽس ڪرڻ اعلان ڪيو ويو آهي ته جيئن موبائيل فونز، ٽي وي، ويب ۽ يوٽيوب ميوزڪ کي ڏسڻ جو تجربو پهريان کان وڌيڪ بهتر ٿي سگهي.
مثال طور هاڻ موبائيل ڊيوائس ۾ ٽيڪسٽ وڏو نظر ايندو جڏهن ته پلي بيڪ اسپيڊ فيچرکي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.
اهڙي ريت لينڊ اسڪيپ موڊ تي نيويگيشن ممڪن هوندي جڏهن ته ٻيو به گهڻو ڪجهه بهتر ڪيو پيو وڃي، جنهن مان ڪجهه اهم اَپ ڊيٽس جا تفصيل هيٺ ڏنا پيا وڃن.
پهريان کان وڌيڪ بهتر مني پليئر
ڪمپني طرفان مني پليئر کي به بهتر بڻايو ويو آهي ۽ هاڻ واهپيدار وڊيوز ڏسندي ري سائز ۽ هڪ کان ٻي جاءِ منتقل ڪري سگهندا ته جيئن هو ٻيا ڪم پڻ ڪري سگهن.
نئين مني پليئر ذريعي اوهان وڊيوز ڏسندي ويب برائوزنگ ڪري سگهندئو جڏهن ته پلي بيڪ کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ وڌيڪ وڊيوز پڻ ايڊ ڪري سگهندئو.
پلي لسٽس کي به بهتر بڻايو ويو آهي
ڪمپني طرفان Collaborative پلي لسٽ نالي فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي ته جيئن صارفين پنهنجي دوستن ۽ خاندان کي لنڪس يا ڪيو آر ڪوڊز ( ٽي وي تي) جي ذريعي گڏ پلي لسٽس ٺاهي سگهن.
ان پلي لسٽس لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) تصويرن کي ٿمب نيل تصوير طور تي استعمال ڪري سگهبو.
سليپ ٽائمر
اِهو فيچر پهريان ماهوار فيس ادا ڪندڙ واهپيدارن کي دستياب هو پر هاڻ سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ان فيچر ذريعي واهپيدار هڪ مخصوص دورانيي کي سيٽ ڪري سگهندا ۽ وڊيوز ان وقت پاڻمرادو بهيجي وينديون.
اوهان ڏهه منٽ، پندرنهن منٽ، ويهه منٽ، ٽيهه منٽ، پنجيتاليهه منٽ، سٺ منٽ يا وڊيوز جي پڄاڻي تائين جو دورانيو سيٽ ڪري سگهو ٿا.
ٽي وي تي يوٽيوب انٽرفيس کي ري ڊيزائن ڪيو ويو
ڪمپني طرفان ٽي وي تي يوٽيوب جي انٽرفيس کي ري ڊيزائن ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪمپني موجب، نئين انٽرفيس ذريعي واهپيدارن لاءِ وڊيوز ڏسڻ جو تجربو بهتر ٿيندو جڏهن ته ٽي وي تي شارٽس ڏسڻ لاءِ به نئون انٽرفيس متعارف ڪرايو پيو وڃي.
You might also like