ايپل هڪ نئون آءِ پيڊ مني متعارف ڪرايو آهي، جيڪو 2021ع ۾ متعارف ڪرايل ايپل جي سڀ کان ننڍي ٽيبليٽ جو نئون ورزن آهي.
نئين آءِ پيڊ مني ۾ وڌيڪ بهتر اي 17 پرو پراسيسر ڏنو ويو آهي، ڪمپني جو چوڻ آهي ته نئون ماڊل گذريل ماڊل جي ڀيٽ ۾ 30 سيڪڙو وڌيڪ طاقتور آهي.
هي اِهو ئي پراسيسر آهي جيڪو 2023ع جي آءِ فون 15 پرو ۾ به ڏنو ويو هو، يعني هن ننڍڙي ٽيبليٽ ۾ ايپل انٽيليجنس سپورٽ پڻ دستياب هوندي.
واضح رهي ته ايپل انٽيليجنس ڪمپني جو هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ ) تي ٻڌل ماڊل آهي.
آءِ پيڊ مني ۾ 8.3 انچ جو ڊسپلي موجود آهي جڏهن ته ايپل پئنسل پرو سورٽ پڻ ڏني وئي آهي.
اهڙي ريت 128 جي بي اسٽوريج واهپيدارن کي دستياب هوندي جڏهن ته واءِ فاءِ 6 اي چِپ ۽ يو ايس بي سي پورٽ پهريان کان وڌيڪ تيزي هوندي.
ٽيبليٽ جي فرنٽ ۽ بيڪ تي 12،12 ميگا پڪسل جي ڪئمرا موجود آهي جڏهن ته ٽِچ آءِ ڊي سپورٽ به ڏني وي آهي ته جيئن واهپيدار فنگر پرنٽ ذريعي ڊيوائس کي اَن لاڪ ڪري سگهن.
آءِ پيڊ مني جي بيٽر لاڳيتو وڊيوز ڏسڻ باوجود ڏهن ڪلاڪن تائين هلي سگهي ٿي.
نئون ٽيبيليٽ 29 آڪٽوبر کان مختلف مُلڪن ۾ دستياب هوندو، جنهن جي قيمت چار سئو نانوي ڊالرز کان شروع ٿيندي.
You might also like