نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ جهازن ۾ بم جي افواهن حڪومت کي پريشان ڪري ڇڏيو، 3 ڏينهن ۾ 12 اڏامن کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، جنهن سبب هنگامي لينڊنگ ڪرائڻي پئي.
حڪومتي ذريعن موجب بم جا افواهه پکيڙيندڙن کي نو فلاءِ لسٽ تي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪوڙن اطلاعن سان وڏي انگ ۾ مسافر پريشان ٿيا.
ٽن ڏينهن اندر اندروني ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ جي 12 اڏامن کي بم سان اڏائڻ جون ڌمڪيون مليون آهن، جيڪي بوگس نڪتيون، ان جي نتيجي ۾ انتظامي سطح تي غير معمولي ڏکيائيون پيش آيون.
حڪومتي ذريعن موجب اختياريون ان سلسلي کي روڪڻ لاءِ ڪيترن ئي قدمن تي غور ڪري رهيون آهن، ڪوڙا اطلاع ڏيندڙن جي فضائي سفر تي پابندي جي تجويز به سامهون آئي آهي، مسافرن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ اڏامن تي مقرر ڪيل اسڪاءِ مارشلز جو انگ وڌائڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته اربع تي به ٻن اڏامن ۾ بم جو اطلاع ڏنو ويو، هڪ جهاز آڪاسا ايئر ۽ ٻيو انڊيگو ايئر لائن جو هو، پوءِ خبر پئي ته ڪنهن رڳو مذاق ڪيو هو.
Prev Post
You might also like