پاڪ سوزوڪي موٽرز پنهنجي ٻن مقبول موٽر سائيڪلن جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سوزوڪي موٽر سائيڪلن جي ٻن ماڊلز ”جي ڊي 110 ايس“ ۽ ”جي ايس 150“ جي اگهن ۾ واڌ 15 آڪٽوبر 2024 کان لاڳو ٿيندي.
ڪمپني پنهنجي ڊيلرز ۽ شو روم مالڪن کي 15 آڪٽوبر تي جاري ڪيل هڪ خط ذريعي ان واڌ کان آگاهه ڪيو.
خط موجب سوزوڪي جي ڊي 110 ايس جي نئين قيمت 7 هزار رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 59 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا اڳ 3 لک 52 هزار رپيا هئا.
اهڙي ريت سوزوڪي جي ايس 150 جي قيمت ۾ به 7 هزار رپيا واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ان جي نئين قيمت 3 لک 89 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
You might also like