اسلام آباد (و يب ڊيسڪ ) ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر چيو آهي ته امن جو مطلب دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف سخت رويو اختيار ڪرڻ آهي.
ايس سي او سربراهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ايس او او جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، ڀارت صدارت کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت فراهم ڪئي آهي.
جئه شنڪر چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو سربراهي اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن سڄي دنيا ۾ ڇڪتاڻ واريون حالتون آهن، ٻه وڏا تڪرار جاري آهي، جن جا عالمي اثر مختلف آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪوويڊ وبا ترقي پذير ملڪن کي سخت نقصان رسايو ، سخت موسمي واقعن، سپلاءِ چين جي غير يقيني صورتحال ۽ مالياتي عدم استحڪام ترقي جي رستي ۾ رنڊڪ آهن.
ڀارتي پرڏيهي وزير چيو ته قرض جو ٻوجهه هڪ سنگين مسئلو آهي، دنيا پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ پوئتي آهي، ٽيڪنالوجي هڪ پاسي اميدن جا نوان دڳ کولي رهي آهي ته ٻئي پاسي ڏکيائيون به پيدا ڪري رهي آهي، انهن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ايس سي او جي ميمبرن ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي؟
سندس چوڻ هو ته اسان کي ايماندراڻي گفتگو ڪرڻ گهرجي، اعتماد جي کوٽ، دوستي ۽ سٺي پاڙيسري جي اصولن ۾ ڪا به کوٽ آهي ته خود احتسابي ڪرڻ گهرجي، اِهو رڳو اسان جي پنهنجي فائدي لاءِ نه آهي.
هن چيو ته نه رڳو اسان پر ٻيا به اسان جي ڪاوشن مان تحرڪ وٺي سگهن ٿا، اسان جو سهڪار گڏيل احترام ۽ خودمختياري جي برابري تي ٻڌل هئڻ گهرجي، اسان کي هڪٻئي جي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪرڻ گهرجي، اِهو سهڪار هڪ طرفي ايجنڊائن بدران حقيقي ڀائيواري تي ٻڌل هجي.
ڀارتي پرڏيهي وزير چيو ته ترقي ۽ استحڪام جو دارومدار امن تي آهي، امن جو مطلب دهشتگردي، انتها پسندي ۽ عليحدگي پسندي خلاف سخت رويو اختيار ڪرڻ آهي، سرحد پار دهشتگردي، انتهاپسندي، عليحدگي پسندي جهڙيون سرگرميون جاري رهنديون ته واپار، عوامي سطح تي رابطن جي بحالي مشڪل ٿي ويندي، سوچڻ گهرجي حالتون مختلف هجن ته اسان ڪيترا وڏا فائدا حاصل ڪري سگهون ٿا.
You might also like