مريم نواز هڪ ڀيرو وري پي ٽي آءِ کي دهشتگرد پارٽي قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزيرِاعليٰ مريم نواز هڪ ڀيرو وري پاڪستان تحريڪِ انصاف کي دهشتگرد پارٽي قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ لاهور جي ڪاليج ۾ مبينا زيادتي واري واقعي تي ڏڦيڙ پيکڙڻ جي ڪوشش ڪئي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته ڏهه آڪٽوبر شاگردياڻي سان زيادتي جو واقعو رپورٽ ٿيو پر ان ڏينهن شاگردياڻي ڪاليج ۾ هئي ئي نه، چيو ويو ته واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج سان هٿ چراند ڪئي وئي آهي، پهريان ڪوڙي ڪهاڻي گهڙي وئي وري متاثر شاگردياڻي جي ڳولا شروع ڪئي وئي، ڪو به اکين ڏٺو شاهد ئي ناهي ڇو ته اهڙي قسم جو واقعو ٿيو ئي ناهي.
هن چيو ته اڄ تائين متاثر ٻارڙيءَ جي ڳولا ۾ آهيون، جنهن شاگردياڻي جو نالو ورتو پيو وڃي اُها ٻه آڪٽوبر کان اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ جنهن گارڊ تي الزام مڙهيو ويو اِهو موڪلن تي ويل هو، جنهن کي سرگوڌا مان گرفتار ڪيو ويو ۽ کائنس پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته پي ٽي آءِ ان واقعي کي وڳوڙن لاءِ استعمال ڪيو، هڪ اهڙي واقعي کي ايشو بڻايو ويو جيڪو ٿيو ئي ناهي، سوشل ميڊيا ذريعي ٻارن کي ورغلائي هڪ مهم هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بار بار احتجاج ۾ ناڪامي کانپوءِ تحريڪ انصاف خطرناڪ رٿ رٿي، شاگردياڻي جي امڙ چيو ته سازشي ڪردار کي وائکو ڪرڻ اوهان جي ذميواري آهي.
مريم نواز چيو ته انهن ماڻهن پاڪستان جو جيڪو چهرو دنيا کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ملڪ رڳو اسان جو ناهي اوهان جو به آهي، لاڳاپيل اختيارين کي چيو آهي ته ان معاملي ۾ جيڪو به ملوث آهي ڀلي پوءِ ان جو تعلق ميڊيا سان، پي ٽي آءِ سا يا چوڌري پرويز الاهي جي پارٽي سان هجي انهن خلاف فوري ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته تعليم واري وزير کي چيو کيس ڪاليج جي رجسٽريشن معطل نه ڪرڻ گهرجي، ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي، واقعي ۾ جيڪو به ملوث آهي ان کي نه بخشيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.