ايس سي او اجلاس، افغان سرزمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻو پوندو: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پائيدار ترقي لاءِ علائقائي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي گهرج آهي.
شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ افتتاحي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس جي صدارت ڪرڻ هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، سمورن معزز مهمانن کي ايس سي او اجلاس ۾ ڀليڪار چئون ٿا.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پائيدار ترقي لاءِ علائقائي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي گهرج آهي، سمورا ملڪ گڏجي خطي جي معيشت کي بهتر ڪري سگهن ٿا.
هن چيو ته ايس سي او ملڪ دنيا جي آبادي جو 40 سيڪڙو آهن، اڄ جو اجلاس علائقائي سهڪار وڌائڻ جو اهم موقعو فراهم ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته ايس سي او اجلاس ۾ بامقصد ڳالهين ۽ نتيجن جو خواهشمند آهي.
هن چيو ته کيس يقين آهي ته اجلاس ۾ ٿيل ڳالهين جا نتيجا خطي جي عوام لاءِ فائديمند هوندا.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته کين پنهنجن ماڻهن کي بهتر معيار جي زندگي ۽ سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن.
شهباز شريف چيو ته اهي عالمي منظرنامي ۾ تبديلي ۽ ارتقا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، موجودا صورتحال ۾ گڏيل قدم کڻڻ جي گُهرج آهي.
هن چيو ته پاڪستان علائقائي ترقي، استحڪام ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، کين اجتماعي ڏاهپ کي استعمال ڪندي اڳتي وڌڻو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته ايس سو او ملڪن کي معاشي سهڪار لاءِ نئين حڪمت عملي تي غور ڪرڻو پوندو، خطي جي ملڪن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي شعبن ۾ سهڪار جا ڪيترائي موقعا آهن.
افغان سرزمين جو دهشتگردي لاءِ استعمال روڪڻو پوندو: شهباز شريف
هن چيو ته علائقائي ترقي ۽ استحڪام لاءِ تمام گهڻو اهم ملڪ آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امداد تي ڌيان ڏئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته افغان سرزمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻو پوندو، يقيني بڻائڻو پوندو ته افغان سرزمين ڪنهن ملڪ ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي.
هن چيو ته علائقائي ترقي لاءِ بيلٽ اينڊ روڊ انتهائي اهم منصوبو آهي، پاڪستان اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، گڏيل مستقبل جي لاءِ اقتصادي استحڪام سندن ضرورت آهي، خطي مان غربت جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ کي ترجيح ڏني ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پيش ايندڙ خطرا اهم چئلينجز آهن، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي روس جي حوالي
ايس سي او ڪانفرنس جي اختتامي سيشن دوران شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي روس کي سونپي وئي، وزيراعظم شهباز شريف ايس سي او جي سربراهي ملڻ تي روس کي مبارڪباد ڏني، روس 2025 تائين ايس سي او جي سربراهي سنڀاليندو.
ايس سي او سربراهن حڪومت طرفان ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائيءَ تي صحيحون به ڪيون، ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جئه شنڪر ايس سي او ڪانفرنس جي پڌرائي تي صحيح ڪري ڇڏي.
ان کانسواءِ ايس سي او ميمبر ملڪن تنظيم جي بجيٽ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.