اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني عدالت واري معاملي تي ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي مخالفت ڪئي پئي وڃي.
هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 2007ع کان هر اليڪشن ۾ عدالتي سڌارا پيپلز پارٽي جي منشور جو حصو آهن ۽ ميثاق جهموريت ۾ وفاقي آئيني عدالت جو ذڪر آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته اڄ جا مخالف ماضيءَ ۾ وفاقي آئيني عدالت جي حمايت ڪري چڪا آهن، آئيني عدالت لاءِ مخالفت ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عوام چونڊيل نمائندن کي وفاقي آئيني عدالت جي قيام جو مئنڊيٽ ڏنو آهي.
You might also like