هر صورت ۾ عدالتي سڌارا آڻينداسين، ان معاملي تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عدليا ۾ هر صورت سڌارا آڻينداسين، هو ميثاقِ جهموريت جي واعدي تي ٺاهه نه ڪندا.
ڪراچي ۾ هار ڪارڊ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ( بي آءِ ايس )، پورهيت ڪارڊ کانپوءِ اڄ هاري ڪارڊ جو افتتاح ڪري رهيا آهيون، پ پ ننڍن آبادگارن ۽ هاري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پ پ پٺتي پيل طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي.
سندس چوڻ هوته آصف زرداري جڏهن ته پهريون ڀيرو صدر جون ذميواريون سنڀاليون ته ملڪ کي وڏي سطح تي زرعي نقصان پهچي چڪو هو، کاڌي پيتي جون شيون ٻاهرين ملڪن مان گهرايون پئي ويو ۽ ملڪ جا هاري تباهه ٿي چڪا هئا، آصف زرداري هارين کان فصل خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن هارين جو فائدو ٿئي، ان کان اڳ اهڙو فيصلو شهيد بينظير ڀٽو به ڪيو هو.
ان کان اڳ وفاقي آئيني عدالت جي قيام بابت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آگسٽ 2023ع ۾ سول سوسائٽي ميثاق جمهوريت تي مڪمل عمل جو مطالبو ڪيو، مطالبي جو مقصد ميثاق جي نامڪمل ايجنڊا کي پورو ڪرڻ هو.
سندس چوڻ هو ته سول سوسائٽي جي ميثاق جمهوريت جي مطالبي جو مقصد تحريڪ انصاف باني ۽ ٻين جي جمهوريت تي حملن جي نتيجي ۾ متاثر ٿيل ساک کي ٻيهر بحال ڪرڻ هو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سول سوسائٽي جي 2023ع جي سفارشن ۾ هڪ وفاقي آئيني عدالت جو قيام به شامل هو، جنهن جي حمايت هڪ تحريڪ انصاف سينيٽر به ڪئي هئي.
هن چيو ته عدالتي سڌارن لاءِ سياسي پارٽين سان گڏ سول سوسائٽي ۾ به اتفاق راءِ آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موجوده سياست يا ڪنهن فرد بابت پنهنجي ذاتي راءِ کي آئيني عدالت جي جائز ضرورت تي هاوي ٿيڻ نه ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.