”غزا ۾ ماڻهو بُک وگهي مري رهيا آهن، گاهه ۽ جانور کائڻ تي مجبور آهن“

برطانوي فلاحي تنظيم آڪسفيم جو چوڻ اهي ته اتر غزا ۾ ماڻهو بک وگهي مري رهيا آهن.
آڪسفيم جي نمائندي بشريٰ خالدي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسرائيلي فوج ڏهن ڏينهن کان اتر غزا ۾ خوراڪ جي فراهمي روڪي ڇڏي آهي، علائقي ۾ اسرائيلي ناڪابندي سبب خوراڪ جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.
هن چيو ته اتر غزا ۾ ماڻهو بُک وگهي مري رهيا آهن ۽ گاهه، گڏهه ۽ گهوڙا کائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
بشريٰ خالدي چيو ته اتر غزا جا گهڻي قدر فلسطيني ڏکڻ غزا ڏانهن ” ڊيٿ مارچ“ بدران پنهنجي گهرن ۾ مرڻ لاءِ تيار آهن، نٿي ڄاڻان اتر غزا ۾ ماڻهو زنده ڪيئن رهندا.
سندس چوڻ ته اتر غزا ۾ ماڻهو قتلِ عام ۾ مرندا يا ڏکڻ غزا ڏانهن لڏپلاڻ جي ڪوشش ۾ ماريا ويندا، غزا ۾ تباهي جي اِها سطح اڳ ناهي ڏٺي.
ياد رهي ته اسرائيلي فورسز جون ست آڪٽوبر کان غزا ۾ هوائي ۽ زميني ڪارروايون جاري آهن جنهن جي نتيجي ۾ هنيئر تائين 43 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ هڪ لک کان وڌيڪ زخمي ۽ لکين بي گهر ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.