اسرائيل، ايراني فوجي ٿاڪن کي نشانو بڻائيندو، جوابي حملا روڪڻ جي حڪمت عملي به تيار

ايران تي حملي جي جواب ۾ فلسطيني حمايتي گروپن جا حملا روڪڻ لاءِ اسرائيل آمريڪا حڪمت عملي تيار ڪري ورتي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اسرائيل، حملي ۾ ايران جي فوجي ۽ توانائي ٿاڪن کي نشانو بڻائيندو، ايران تي حملي لاءِ اسرائيل ۽ آمريڪا ۾مشاورت جاري آهي.
فلسطيني حمايتي گروپن جا جوابي حملا روڪڻ لاءِ اسرائيل ۽ آمريڪا گڏيل حڪمت عملي پڻ تيار ڪري ورتي آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، آمريڪا، ايران جا جوابي حملا روڪڻ لاءِ وچ اوڀر کان يورپ تائين ٿاڊ نالي ميزائل ٽوڙ سسٽم لڳائي چڪو آهي.
ميڊيا رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ” ٿاڊ “ پيٽرياٽ سسٽم جو خاص حصو آهي جيڪو اٽڪل ٻه سئو ڪلوميٽر علائقي کي ميزائل کان بچائي سگهي ٿو، ٿاڊ سان گڏ پيٽرياٽ بيٽري 6 ٽرڪ تي لڳل لانچرز تي ٻڌل هوندي آهي.
پيٽرياٽ بيٽري ۾ 48 انٽرسيپٽرز، رڊيو ۽ ريڊار ڊيوائس پڻ هونديون آهن جن کي هلائڻ لاءِ 95 فوجي گهربل هوندا آهن، آمريڪا 2019ع ۾ اسرائيلي فوجين کي فو ٿاڊ نظام هلائڻ جي ٽريننگ ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.