اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير گڏيل ملاقات جي درخواست ناهي ڪئي ۽ نه ئي پاڪستان اهڙي ملاقات جي آڇ ڪئي آهي.
هڪ بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان 27 ورهين کانپوءِ ڪنهن وڏي ايونٽ جي ميزباني ڪري رهيو آهي، شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس جي ڪيئي رڪن ملڪن وزيراعظم سان ملاقات جي درخواست ڪئي.
هن چيوته ڀارتي وزيراعظم گڏيل ملاقات جي درخواست ناهي ۽ نه وري پاڪستان اهڙي ڪنهن ملاقات جي آڇ ڪئي آهي.
اسحاق ڊار تحريڪِ انصاف جي 15 آڪٽوبر واري احتجاج جي ڪال واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته هڪ پارٽي ايس سي او اجلاس کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
هن چيو ته احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ نه رڳو ملڪ جي مفاد ۾ آهي پر ان سياسي پارٽي( پي ٽي آءِ ) جي مفاد ۾ پڻ آهي.