5 سالن دوران 24 ادارن کي خانگائڻ جو پلان، تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت جو پنج سالا نجڪاري پلان سامهون اچي ويو جنهن ۾ 24 ادارن کي خانگايو ويندو .
وفاقي حڪومت طرفان سرڪاري ادارا خانگائڻ بابت پنج سالا پلان سامهون اچي ويو، جيڪو 2024ع کان 2029ع تائين لاءِ آهي.
وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ نجڪاري وزارت طرفان ادارن جي لسٽ تيار ڪئي وئي آهي جنهن موجب ٽن مرحلن ۾ 24 ادارا خانگايا ويندا.
پهرئين مرحلي ۾ هڪ سال دوران ڏهه ادارا خانگايا ويندا، ٻئي مرحلي ۾ هڪ کان ٽن سالن دوران 13 ادڪارن نجڪاري ٿيندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري مرحلي ۾ ٽن کان پنجن سالن دوران هڪ اداري کي خانگائڻ جو پلان ترتيب ڏنو ويو آهي.
نجڪاري پلان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پهرئين مرحلي پي آءِ اي ۽ روزو ويلٽ هوٽل نيويارڪ جي نجڪاري ڪئي ويندي، پلان تحت زرعي ترقياتي بئنڪ ۽ فرسٽ وومين بئنڪ کي پهرئين مرحلي ۾ خانگايو ويندو جڏهن ته هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جي نجڪاري وارو عمل به پهرئين مرحلي ۾ مڪمل ڪيو ويندو.
ان کانسواءِ پهرئين مرحلي ۾ پاڪستان انجينيئرنگ ڪمپني ۽ سنڌ انجينيئرنگ ڪمپني لميٽڊ کي خانگايو ويندوجڏهن ته اسلام آباد، فيصل آباد ۽ گوجرانوالا جي بجلي ڪمپنين جي نجڪاري به پهرئين مرحلي ۾ ٿيندي.
دستاويز موجب، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين، ناردرن، پاور جنريشن، لاکڙا پاور جنريشن ڪمپني، ليسڪو، ميپڪو، حيسڪو ۽ سيپڪو، پشاور ۽ هزارا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپنين کي به خانگايو ويندو جڏهن ته ڄامشورو پاور ڪمپني ۽ سينٽرل پاور جنريشن ڪمپني جي نجڪاري ٻئي مرحلي ۾ ٿيندي.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي مرحلي ۾ ئي يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن، اسٽيٽ لائيف انشورنس ۽ پاڪستان ري انشورنس ڪمپني کي خانگايو ويندو.
دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پلان جي ٽئين ۽ آخري مرحلي ۾ پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني جي خانگائڻ وارو عمل مڪمل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.