مولانا فضل الرحمان پاران پي ٽي آءِ کي احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل

ٽنڊو الهيار ( ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ ( ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ کي احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.
ٽنڊو الهيار ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آئيني ترميمن تي جيڪي شيون اسان رد ڪيون اُهي واپس ٿي چڪيون آهن.
هن چيو ته جيڪو ڊرافٽ حڪومت طرفان پيش ڪيو ويو اسان رد ڪري ڇڏيو هو، ان مسودي سبب عدليا ڪمزور ۽ انساني حق تباهه ٿي وڃن ها، جڏهن ته ڊرافٽ ۾ شامل ڪيئي شين تي اتفاق ٿي چڪو آهي.
مولانا فضل الرحمان چيوته اسيمبليءَ ۾ انڪري ناهيون ويٺا ته عوام جي مفاد جي خلاف قانون پاس ڪريون، بلاول ڀٽو، نواز شريف ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت سان ملاقات ڪندس.
سندس چوڻ هوته 18 هين ترميم جي منظوري لاءِ به اسان کي نوَ مهينا لڳي ويا هئا، اڄ ڪهڙو مسئلو آهي جو تڙ تڪڙ لڳي پئي آهي، اسان اتفاق راءِ جي ويجهو پهچي چڪا آهيون.
مولانا پي ٽي آءِ کي اپيل لندي چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس تائين احتجاج ملتوي ڪريو، پهريان به احتجاج جا نتيجا سٺا ناهن آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.